سخيراڻي عادل

سخيراڻي عادل

عادل سخيراڻي

عادل سخيراڻي : شاعر ۽ سماجي ڪارڪن عادل سخيراڻيءَ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد خان سخيراڻي هو، سندس جنم 10 مارچ 1957ع تي دادو شهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم دادوءَ ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ڪوٽڙيءَ هاءِ اسڪول مان ڪيائين ۽ انٽر ۽ بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1979ع ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. عادل سخيراڻي 1974ع ۾ ميونسپل ڪاميٽي دادوءَ ۾ جونئير ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اتان استعيفا ڏئي سنڌ ايگريڪلچر سپلاءِ آرگنائيزيشن (ساسو) ۾ ڪلارڪ ۽ پوءِ آفيس اسسٽنٽ ٿيو. عادل سخيراڻي ابتدا کان وٺي سياسي، سماجي، ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1986ع کان 1988ع تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ دادوءَ جو ٻه سال سيڪريٽري رهيو. هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا، جيڪي مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. سگا شاخ دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. ان کانسواءِ ايمپلائيز يونين حيدرآباد ڊويزن جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي چيئرمئن پڻ رهيو. سندس شاعري منظور سخيراڻيءَ سميت ڪيترن ئي نامور فنڪارن ڳائي آهي. عادل سخيراڻي، 23 مارچ 1992ع تي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. مرڻ پڄاڻان سندس ٻه ڪتاب: (1) ’نيڻ ٿڪجي پيا‘ (شاعري) ۽ (2) ’سنڌ جون رانديون‘ شايع ٿيا آهن. نامور اديبه ۽ شاعر، بينظير عادل سخيراڻي سندس ڌيءَ آهي.


لفظ عادل سخيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.03.10  عيسوي

شاعر ۽ سماجي ڪارڪن عادل سخيراڻيءَ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد خان سخيراڻي هو، سندس جنم 10 مارچ 1957ع تي دادو شهر ۾ ٿيو.


1992.03.23  عيسوي

عادل سخيراڻي، 23 مارچ 1992ع تي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي گل سانگي
شاهه حسين ماڌو لال
خليفو نبي بخش لغاري
حامد الله ’حامد‘ تنيو
امتياز دانش
قربان جهتيال
ساجد سنڌي
ذوالفقار سيال ڊاڪٽر
مراد علي شر
اسرار احمد علوي پروفيسر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون